جهلم ۾ ملڪيت جي لالچ، ڀاءُ پنهنجي سڳي ڀاءُ کي چار مهينا زنجيرن ۾ قيد رکيو

جهلم: پنجاب جي علائقي ساگري ۾ ملڪيت جي تڪرار سبب انسانيت کي لوڏي ڇڏيندڙ واقعو سامهون آيو، جتي هڪ شخص مبينا طور پنهنجي سڳي ڀاءُ کي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي نيت سان چار مهينا زنجيرن ۾ ٻڌي قيد ڪري رکيو.

پوليس موجب ٿاڻو منگلا جي حدن ۾ مخبر جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي متاثر شخص کي بحفاظت آزاد ڪرايو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شبير مبينا طور پنهنجي ڀاءُ جي ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائڻ لاءِ کيس لوهي زنجيرن سان ٻڌي گهر ۾ غيرقانوني طور قيد ڪري رکيو هو.

پوليس ڇاپي دوران متاثر شخص کي آزاد ڪرائي ورتو، جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪري سندس خلاف لاڳاپيل قلم هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.