سکر : پاڪستان بلائنڊ اسپورٽس فيڊريشن (پي بي ايس ايف) پاران پاڪ ڪرسچن فائونڊيشن ۽ بااختيار خصوصي ماڻهن واري کاتي جي سهڪار سان گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ بحالي مرڪز براءِ وي آءِ سي، بئراج ڪالوني سکر ۾ بريل شطرنج جو هڪ ڏينهن وارو تربيتي پروگرام منعقد ڪيو ويو.
تربيتي پروگرام جو مقصد بينائي کان محروم ماڻهن کي ذهني راندين ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ کين قومي سطح تي راندين ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ هو. پروگرام جي انعقاد ۾ سکر بلائنڊ اسپورٽس فيڊريشن جي صدر محمد مقصود لغاري ۽ سندس ٽيم اهم ڪردار ادا ڪيو.
تقريب جي مهمان خاص ايڊيشنل اسسٽنٽ ڪمشنر محترمه بشريٰ منصور هئي، جڏهن ته ريجنل ڊائريڪٽر بااختيار خصوصي ماڻهن وارو کاتو سکر عبدالقدوس ميمڻ خاص طور تي شرڪت ڪئي. پروگرام گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن مرڪز جي پرنسپال جي نگراني ۽ سينيئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ۽ اسپورٽس ڪوآرڊينيٽر نيپ سکر ذوالفقار حسين راڄپوت جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو.
هڪ ڏينهن واري تربيت ۾ سکر ۽ ڀرپاسي جي ضلعن مان بينائي کان محروم ماڻهن شرڪت ڪئي. پاڪستان بلائنڊ اسپورٽس فيڊريشن جي تصديق ٿيل ٽرينرن شرڪت ڪندڙن کي بريل شطرنج جا اصول، بورڊ جي ترتيب، مهرن جي سڃاڻپ ۽ مقابلي واري حڪمت عملي بابت عملي تربيت ڏني، جڏهن ته سڀني شرڪت ڪندڙن کي ڇهڻ سان سڃاڻپ ٿيندڙ شطرنج بورڊ پڻ فراهم ڪيا ويا.
تقريب ۾ پاڪستان بلائنڊ اسپورٽس فيڊريشن جي صدر محمد وقاص وڙائچ، انٽرنيشنل ڊائريڪٽر طارق سيموئل، سکر بلائنڊ اسپورٽس فيڊريشن جي صدر محمد مقصود لغاري، جنرل سيڪريٽري عبدالله چنا، سنڌ بلائنڊ اسپورٽس فيڊريشن جي نائب صدر نادر علي، ڪوآرڊينيٽر عرفان منور ۽ پاڪستان بلائنڊ اسپورٽس فيڊريشن جي شطرنج سيڪريٽري اجيت ڪمار سميت ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.
پاڪ ڪرسچن فائونڊيشن پاران سي اي او ۽ باني طارق سيموئل، ڊائريڪٽر بلائنڊ اسپورٽس اينڊ بحالي اجيت ڪمار، ايونٽ ڪوآرڊينيٽر عامر شهزاد، فنانس ڊائريڪٽر شهيزيب اقبال، ڊائريڪٽر يوٿ افيئرز ۽ بريل شطرنج ٽرينر محترمه شرلين گل ۽ ڊائريڪٽر وومين افيئرز محترمه مشال عدينه پڻ موجود هيون.
مهمان خاص بشريٰ منصور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حڪومت خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته اهڙن تربيتي پروگرامن سان نوجوانن ۾ اعتماد پيدا ٿئي ٿو ۽ هو معاشري جو سرگرم حصو بڻجن ٿا.
ريجنل ڊائريڪٽر عبدالقدوس ميمڻ خصوصي ماڻهن لاءِ راندين ۽ بحالي جي پروگرامن ۾ کاتي طرفان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، جڏهن ته محترمه شرلين گل شرڪت ڪندڙن کي بريل شطرنج جي عملي تربيت ڏني.
پروگرام جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن وچ ۾ دوستانه بريل شطرنج مقابلو پڻ ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڪامياب شرڪت ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽ ۽ شطرنج ڪِٽون ڏنيون ويون. منتظمين گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ بحالي مرڪز، بئراج ڪالوني سکر جي انتظاميا جو پڻ ٿورو مڃيو.
