اڳوڻي چيف سليڪٽر جو امام الحق تي ’جعلي انجري‘ جو الزام، اوپنر سخت تنقيد هيٺ

اڳوڻي چيف سليڪٽر محمد وسيم لارڊز ٽيسٽ ۾ پاڪستاني اوپنر امام الحق جي انجري تي سوال اٿائيندي ان کي مبينا طور تي ’جعلي انجري‘ قرار ڏنو آهي. محمد وسيم جو چوڻ آهي ته امام الحق پاران انجري جو اهڙو معاملو پهريون ڀيرو سامهون ناهي آيو، ماضي ۾ به اهڙي ڊرامي بازي ٿي چڪي آهي.لارڊز ٽيسٽ دوران امام الحق پنڊلي ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سندس اسڪين ڪرايو ويو. اسڪين ۾ پنڊلي ۾ معمولي ڇڪ جي نشاندهي ٿي.جڏهن ته معمولي ڇڪ باوجود امام الحق جي بيٽنگ لاءِ ميدان ۾ نه اچڻ تي ڪرڪيٽ حلقن طرفان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. نقادن جو چوڻ آهي ته امام الحق ميدان ۾ اچڻ کان پاسو ڪيو ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ نوجوان بيٽر اذان اويس کي بار بار اسٽرائيڪ ڏني.ماضي ۾ ڪيترائي پاڪستاني رانديگر سخت انجري باوجود بيٽنگ ڪري مثال قائم ڪري چڪا آهن، جنهن سبب امام الحق پاران معمولي ڇڪ تي بيٽنگ نه ڪرڻ واري فيصلي تي سوال اٿاريا پيا وڃن.امام الحق جي تازي فارم به سندس لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي. گذريل 8 ٽيسٽ ميچن جي ٻي اننگز ۾ هو صرف ٻه ڀيرا ڊبل فگر ۾ پهچي سگهيو ۽ مجموعي طور 45 رنسون 5.5 جي اوسط سان ٺاهي سگهيو. فيلڊنگ دوران به هو سلپ ۾ اهم ڪيچ ڇڏڻ سبب تنقيد جو نشانو بڻيو آهي.انهن حالتن ۾ امام الحق جي انجري ۽ موجوده فارم سبب سندس ٽيم ۾ جاءِ ۽ ڪارڪردگي بابت نئين بحث شروع ٿي وئي آهي.