پشاور پوليس مقابلي ۾ 4 ڌاڙيل مارجي ويا، ٽن صوبن ۽ اسلام آباد پوليس کي گهربل هئا

پشاور جي علائقي يڪه توت ۾ پوليس مقابلي دوران 4 مبينا ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته سندن 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار هڪ منظم ڌاڙيل گروهه سان تعلق رکندا هئا، جيڪو خيبر پختونخوا، پنجاب، سنڌ ۽ اسلام آباد پوليس کي مختلف سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو.سي سي پي او پشاور موجب مارجي ويلن ۾ گروهه جو سرغنه وقار عرف ميجر، ساحل عرف سعود، اعجاز پهلوان ۽ حفيظ چري شامل آهن. فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.پوليس اختيارين موجب وقار عرف ميجر گينگ گذريل تقريباً 15 سالن کان منظم ڏوهن ۾ سرگرم هو. گروهه ۾ افغانستان جا رهواسي گران ولي ۽ علي عرف شينا سميت ٻيا جوابدار به شامل هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته گينگ جا ميمبر مختلف سنگين ڪيسن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ ڀيرا گرفتار ٿي چڪا هئا، پر عدالتن مان ضمانت تي آزاد ٿيندا رهيا.
سي سي پي او موجب هي گينگ پشاور کان ڪراچي تائين پکڙيل هڪ منظم نيٽ ورڪ طور ڪم ڪندو هو. جوابدار سيڪيورٽي فورسز جهڙا ڪپڙا، وائرليس سيٽ، جديد هٿيار ۽ وائي فائي جيئمرز سميت جديد مواصلاتي اوزار استعمال ڪندا هئا.پوليس موجب جوابدار ڳجهن ادارن جا اهلڪار بڻجي گهرن ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ تلاشي جي بهاني نقد رقم، سون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويندا هئا.
اختيارين موجب گينگ حيات آباد ۾ 80 لک رپين، ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ تقريباً 8 ڪروڙ رپين ۽ راجا بازار راولپنڊي ۾ تقريباً 10 ڪروڙ رپين جي ڌاڙن سميت لاهور ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هو. پوليس موجب جوابدار درگئي ملاڪنڊ، جهنگ، فيصل آباد ۽ سنڌ ۾ پڻ ڌاڙين جي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا.