رياض: سعودي اسپيس ايجنسي 2026 کان 2030 تائين سعودي عرب جي آسمان تي نظر ايندڙ اهم فلڪياتي واقعن بابت هڪ معلوماتي گائيڊ جاري ڪري ڇڏي آهي.
ايجنسي موجب گائيڊ ۾ ايندڙ پنجن سالن دوران ٿيندڙ 62 وڏن فلڪياتي واقعن جا تفصيل شامل آهن. گائيڊ جو مقصد عوام ۽ فلڪيات ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن ۾ خلائي سائنس ۽ فلڪياتي واقعن بابت آگاهي وڌائڻ آهي.
گائيڊ ۾ سج ۽ چنڊ گرهڻ، شهابين جي برسات، سيارن جو هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ، جڏهن ته سال جي ڊگهي ۽ مختصر ترين ڏينهن سميت مختلف فلڪياتي واقعن بابت معلومات ڏني وئي آهي.
سعودي اسپيس ايجنسي موجب:
2026: 9 فلڪياتي واقعا
2027: 12 فلڪياتي واقعا
2028: 14 فلڪياتي واقعا
2029: 15 فلڪياتي واقعا
2030: 12 فلڪياتي واقعا
گائيڊ ۾ هر فلڪياتي واقعي جي سادي وضاحت، متوقع وقت، سائنسي نوعيت ۽ مشاهدي جي محفوظ طريقن بابت معلومات فراهم ڪئي وئي آهي، جيئن عام ماڻهو به انهن واقعن کي آساني سان سمجهي سگهن.
سعودي اسپيس ايجنسي فلڪيات ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي گائيڊ مان فائدو وٺڻ ۽ ايندڙ سالن دوران ٿيندڙ فلڪياتي واقعن جي وقت ۽ تفصيل لاءِ پنهنجي ويب سائيٽ ڏسڻ جي دعوت ڏني آهي.
