تازو جنگ ۾ هڪ هزار اسرائيلي فوجي مارجي ويا، ايراني فوج جي ترجمان جو دعويٰ

ڊيسڪ): ايراني فوج جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل ابوالفضل شڪارچي دعويٰ ڪيو آهي ته تازو ٿيل جنگ دوران هڪ هزار اسرائيلي فوجي اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته هزارين زخمي ٿيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايراني فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته جنگ دوران سوين آمريڪي فوجي پڻ مارجي ويا، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل جاني نقصان جا اصل انگ اکر لڪائي رهيا آهن.

بريگيڊيئر جنرل ابوالفضل شڪارچي چيو ته ماضي ۾ افغانستان ۽ عراق ۾ به آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي اصل جاني نقصان جا انگ اکر فوري طور تي ظاهر نه ڪيا ويا هئا، بعد ۾ هلاڪتن جو انگ سامهون آندو ويو.

ايراني فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته جن ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏا موجود آهن، انهن کي هاڻي احساس ٿي ويو آهي ته جيڪو آمريڪا پاڻ کي تحفظ فراهم نٿو ڪري سگهي، اهو ٻين ملڪن کي ڪيئن تحفظ فراهم ڪندو؟

هن وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجي رهبر معظم آيت الله خامنه اي ۽ ميناب اسڪول جي معصوم شاگردن جي شهادت کي وساريندو نه، سندن شهادت جو بدلو جلد يا دير سان ضرور ورتو ويندو.

واضح رهي ته ايراني فوج طرفان ڄاڻايل جاني نقصان جي انگن اکرن جي آزاد ذريعن کان اڃا تائين تصديق سامهون ناهي آئي.