لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپنر سعيد اجمل قومي ٽيم ۾ لڳاتار تبديلين ۽ اکھاڙ پچھاڙ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو آهي ته رڳو ڪجهه رانديگرن يا آفيسرن کي هٽائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، پر سڄي سسٽم کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ بورڊ اندر بار با�� ٿيندڙ فيصلن سان رانديگرن جو اعتماد مجروح ٿئي ٿو. هن سخت تنقيد ڪندي چيو ته عاقب جاوید کي به عهدو کان هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته اڌوورا قدم کڻڻ سان قومي ٽيم جو ڪارڪردگي بهتر نٿي ٿي سگهي.
اڳوڻي اسپنر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ کي هن وقت ميرٽ ۽ ايمانداري جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪرڪيٽ ۾ سياسي مداخلت ختم نه ڪئي وئي ته صورتحال اڃا وڌيڪ خراب ٿيندي، جنهن جو نقصان آخرڪار ملڪي ڪرڪيٽ کي ئي برداشت ڪرڻو پوندو.
