غزه: غزه پٽي تي اسرائيلي فوج پاران ڪيل تازي وحشياڻي حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي شهري سخت زخمي ٿي پيا آهن. مقامي ذريعن موجب، اسرائيلي جنگي جهازن غزه جي گنجان آباد رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو، جنهن سبب ڪيترن ئي گهرن کي سخت نقصان پهتو آهي.
مقامي صحت اختيارين ميڊيا کي ٻڌا��و آهي ته اسرائيل جي مسلسل بمباري ۽ گولاباري جي ڪري ايمبولينس ۽ طبي امدادي ٽيمن کي حملي واري هنڌ تائين پهچڻ ۾ سخت مشڪلاتن جو سامھون ڪرڻو پئجي رهيو آهي. رستن جي تباهي ۽ مسلسل هوائي حملن جي خطرن سبب امدادي ڪارروايون سخت متاثر ٿيون آهن ۽ زخمين کي اسپتالن تائين منتقل ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.
غزه ۾ انساني بحران ڏينهن به ڏينهن وڌيڪ سنگين صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي، جتي اسپتالن ۾ دوائن، طبي سامان ۽ ٻارڻ جي سخت کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي. عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن پاران اسرائيل کان فوري طور تي بمباري بند ڪرڻ ۽ امدادي لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته جيئن متاثرين تائين فوري طبي امداد پهچائي سگهجي.
