تهران: ايران جي گاديءَ جي هنڌ تهران مان هڪ انتهائي دل ڏاريندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ پيءُ پنهنجي ئي معصوم ۽ جوان بيتيءَ کي تشدد جو نشانφ بڻائيندي بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. مقتوله حنا گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي والد طرفان عائد ڪيل سخت پابندين ۽ روزاني جي بنياد تي جاري خوفناڪ تشدد جي باهه ۾ سڙي رهي هئي، ��نهن کيس ذهني ۽ جسماني طور مفلوج ڪري ڇڏيو هو.
خانداني ذريعن ۽ پاڙيسرين موجب، حنا پنهنجي گهر جي چئن ديوارين اندر قيد جهڙي زندگي گذاريندي هئي. سندس والد کيس ٻاهر نڪرڻ، ماڻهن سان ملڻ يا پنهنجي مرضيءَ جيئڻ جي مڪمل طور تي ممانعت ڪئي هئي. معمولي ڳالهين تي کيس سخت ترين جسماني سزا ڏني ويندي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هيءَ نوجوان ڇوڪري سخت ڊپ ۽ پريشاني جو شڪار ٿي چڪي هئي پر هن جي دانهن ٻڌندڙ ڪوئي نه هو.
پوليس ۽ مقامي اختيارين واقعي جي اطلاع ملندي ئي جوابدار پيءُ کي حراست ۾ ورتو آهي ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانس شروع ڪئي وئي آهي. هيءُ دلڇري واقعو سماج ۾ عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد، گهريلو ناانصافين ۽ قانون جي غير موثر عملداريءَ تي وڏا سواليه نشان στεهڙي ڇڏيا آهن، جنهن تي سڄي ملڪ ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
