واشنگٽن: آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران سان جاري ڇڪتاڻ ۽ تڪرار جي باوجود آمريڪا پنهنجن ٻنهي اهم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي.
آمريڪي انتظاميا جو بنيادي ڌيان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون قابو هيٺ رکڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ سطح تي برقرار رکڻ آهي، جڏهن ته ان سان گڏو��ڏ ايران کي ڪنهن به صورت ۾ اھم يا اٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ پڻ آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو مکيه مقصد آهي.
تجزي نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي قيادت جو هي بيان خطي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ توانائي جي فراهمي جي حوالي سان انتهائي اهميت رکي ٿو، جنهن تي بين الاقوامي سطح تي پڻ باریک بینی سان نظر رکي پئي وڃي.
