رياض/تهران: سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت آبنائي ھرمز ۾ پنهنجي هڪ آئل ٽينڪر تي ٿيل حملي جي سرڪاري طور تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن دوران ٻه فلپائني ملاح پڻ اجل جو شڪار ٿيا آهن. هن واقعي بعد خطي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿين جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
سعودي اختيارين موجب حملي جو نشانو بڻيل جهاز ��ي ايراني پاسي کان ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان سان گڏوگڏ جهاز کي پڻ سخت نقصان پهتو. سعودي حڪومت هن حملي کي بين الاقوامي سامونڊي قانونن جي کلي خلاف ورزي قرار ڏيندي ايران کي سخت تنبيهه جاري ڪئي آهي ته هو اهڙين اشتعال انگيز ڪارروائين کان باز رهي.
هن افسوسناک واقعي کان پوءِ عالمي سطح تي پڻڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي، خاص طور تي دنيا جي اهم ترين سامونڊي رستي آبنائي ھرمز مان تيل جي فراهمي ۽ تجارتي ٻيڙن جي اچ وڃ کي محفوظ بنائڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سعودي عرب پنهنجي دفاع جو پورو حق محفوظ رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
