صدر آصف زرداري ۽ محسن نقوي وچ ۾ لنڊن ۾ اهم ملاقات، ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏاد واد

لنڊن/اسلام آباد: صدر مملکت آصف علي زرداري سان وفاقي وزير محسن نقوي لنڊن ۾ هڪ اهم ون آن ون ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏاوان ڏاوان ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير صدر مملکت کي اهم شخصيتن جا پيغام پڻ پهچايا، جنهن تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ کليل نموني صلاح مشورا يا.ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪ اندر جاري مختلف معاملن، بالخصوص نون صوبن جي قيام بابت جاري بحث ۽ سياسي حڪمت عملين بابت تفصيلي ڳالھه ٻولھه ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري واضح ڪ��و ته هو پنهنجي اصولي موقف تي مڪمل طور تي قائم آهن ۽ ملڪي مفادن تي ڪسم قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.هن ملاقات ۾ رياستي معاملن، امن امان جي صورتحال ۽ عوامي فلاحي منصوبن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. وفاقي وزير محسن نقوي صدر مملکت پاران ڏنلدا هدايتن کي غور سان ٻڌو ۽ ايندڙ حڪمت عملي بابت کيس مڪمل طور تي اعتماد ۾ ورتو، جنهن کان پوءِ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي.