ڪوڙين ۽ فحش وڊيوز ذريعي ڪردار ڪشي سياست ناهي، پر عورتن مٿان حملو آهي: عظميٰ بخاري

لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري صوبائي وزير عظميٰ بخاري سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪوڙين ۽ فحش وڊيوز ذريعي سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ ڪا به سياست ناهي پر اهو سڌوسنئون عورتن جي عزت مٿان حملو آهي. هن چيو ته ڪجهه سياسي قوتون پنهنجي شڪست کانپوءِ اخلاقيات جون سڀ حدون پار ڪري چڪيون آهن ۽ اهڙا حربا استعمال ڪري رهيون آن جن جو پاڪستاني سياست ۽ سماجي قدرن سان ڪو به واسطو ناهي.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ عورتن جي سياست ۾ ششموليت کي روڪڻ ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ لاءِ هڪروڌاڻو مهم هلايو پيو وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. سوشل ميڊيا تي جعلي مواد وائرل ڪندڙن ۽ ان جي پويان موجود جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به بدترين رويي جي روڪٿام ٿي سگهي.

عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا اهڙن شرپسند عناصرن تي مڪمل نظر رکي رهيا آهن ۽ سائبر ڪرائٽ قانون تحت فوري گرفتاريون عمل ۾ آنديون وينديون. هن سمورن سياسي ۽ سماجي حلقن کي اپيل ڪئي ته اهي عورتن جي خلاف استعمال ٿيندڙ هن زهريلي بياني ۽ اخلاقي زوال جي خلاف گڏجي آواز بلند ڪن.