اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم خلاف قانوني ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي، جنهن تحت عدالت بارہ ڪهو ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي جيل اندر ئي ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين پاران سيڪيورگي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو پيو وڃي.
ذريعن موجب عدالت جي ٻڌڻي کليل عدالت بدران جيل ااطي ۾ رکڻ بابت غوروچار مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد قانوني عمل کي محفوظ بڻائڻ ۽ ممڪن هنگامه آرائي کان بچڻ آهي. عدالتي حڪمن تحت ايندڙ ڏينهن ۾ باضابطه حڪم نامو جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.
قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙن مقدمن جو جيل ۾ ٽرائل هلائڻ سان عدالتي ڪارروائي ۾ شفافيت برقرار رکڻ سان گڏوگڏ سيڪيورٽي خطرن کي پڻ منهن ڏئي سگهجي ٿو. ٻئي طرف دفاعي ٽيم طرفان ان قدم تي پنهنجا قانوني اعتراض پيش ڪرڻ جو پڻ امڪان آهي.
