لنڊن/ٽbilisi: سڄي دنيا ۾ قدرتي عجائب موجود آهن، جن ۾ زمين هيٺ موجود غارن جو وسيع ۽ پيچيده نظام پڻ شامل آهي. جارجيا جي تڪراري علائقي ابخازيا جي ڪوهه ڪاف جابلو سلسلي ۾ واقع ويريو ڪينا (Verovkina) غار کي باضابطه طور تي دنيا جي سڀ کان اونهي غار قرار ڏنو ويو آهي. هن غار جي اونهائي 2,212 ميٽر ماپي وئي آهي، جنهن سائنسدانن ۽ تحقيق ڪندڙن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪايو آهي.
هن غارن جي سلسلي ۾ چون جو پٿر وڏي تعداد ۾ موجود آهي، جتي پاڻي جي وهڪري سبب لکين سالن دوران هيءُ عظيم الشان زير زمين نظام ٺهيو. سڀ کان اونهي غار جو رڪارڊ ويريو ڪينا ۽ ويجهي ئي واقع هڪ ٻي غار ڪوروبيرا (Krubera) جي وچ ۾ رهيو آهي، جنهن جي اونهائي 2,199 ميٽر آهي. سخت اونداهي ۽ 3 درجا سينٽي گريڊ گرمي پد جي ڪري هتي عام زندگي جو تصور ناممڪن آهي، پر پوءِ به هتي مخصوص جاندار آباد آهن.
انهن اونهن غارن ۾ ملندڙ جاندارن ۾ اڪثر اهڙا آهن جن کي اکيون ناهن هونديون، جڏهن ته انهن وٽ ڊگھا اينٽينا ۽ وار هوندا آهن جيڪي مڪمل اوندهه ۾ رستي ڳولڻ لاءِ وائبريشن محسوس ڪندا آهن. سال 1968 ۾ دريافت ٿيندڙ هن غار کي 1986 ۾ مشهور غار نورد اليگزينڊر ويريو ڪينا سان منسوب ڪيو ويو هو. سائنسدانن موجب هن غار جي اونهائي ۽ اندروني بناوٽ اڃا تائين تحقيق جو اهم موضوع بيل آهن.
