ڪيليفورنيا:آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل جو نئون سمارٽ فون ”آءِ فون 18 پرو“ خريد ڪندڙ واھپيدار نئين مسئلي کي منھن ڏيڻ لڳا آھن. ڪيترن ئي صارفين شڪايت ڪئي آھي تھ فون جو رنگ جھڪو (Discoloration) ٿيڻ لڳو آھي، جنھن سبب ايڏي مھانگي ڊوائيس خريد ڪندڙن ۾ سخت مايوسي ڇانيل آھي.
سوشل ميڊيا ۽ مختلف ٽيڪنالاجي فورمن تي واھپيدارن جو چوڻ آھي تھ مختصر عرصي جي استعمال کانپوءِ ئي باڊي جو اصل رنگ اڏامي رھيو آھي ۽ ڊوائيس جي خوبصورتي متاثر ٿي رھي آھي. اھڙين تصويرن ۽ شڪايتن کانپوءِ ڊوائيسز ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل ۽ ان جي معيار تي بھ سوال اٿڻ لڳا آھن.
صارفين ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ اھڙو نقص ايپل جي اعليٰ معيار واري دعويٰ ۽ مھانگي قيمت سان مطابقت نٿو رکي. ان کانسواءِ صارفين ۾ اھو خدشو بھ موجود آھي تھ ڇا رنگ خراب ٿيڻ واري نقص کي ڪمپني جي وارنٽي پاليسي تحت ڪَور ڪيو ويندو يا نھ.
ايپل طرفان ھيل تائين ھن معاملي تي ڪوبھ باضابطا موقف يا وضاحتي بيان جاري ناھي ڪيو ويو، جڏھن تھ صارفين مطالبو ڪيو آھي تھ ڪمپني معاملي جي فوري جاچ ڪري متبادل يا نقص جي تدارڪ جو حل سامھون آڻي.
