اجي ديوگن جي فلم ”درشيم 3“ پاران باڪس آفيس تي رڪارڊ ڪاروبار، ڪمائي 340 ڪروڙن کان ٽپي وئي

ممبئي:
بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار اجي ديوگن ۽ شريھ سرن جي نئين ايندڙ فلم ”درشيم 3“ باڪس آفيس تي ڌاڪ ڄمائيندي سڄي دنيا مان 340 ڪروڙ رپين کان مٿي جو شاندار ڪاروبار ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آھي. رليز ٿيڻ واري پھرين ئي ڏينھن کان فلم کي عالمي سطح تي شائقين پاران وڏي موٽ ملي رھي آھي.
سسپنس ۽ ڊراما سان ڀرپور ھن فلم ۾ اجي ديوگن جي جاندار اداڪاريءَ کي مداحن توڙي نقادن پاران انتھائي واکاڻيو ويو آھي، جڏھن تھ شريا سرن بھ پنھنجي ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ نباھيو آھي. فلم جو دلچسپ پلاٽ ۽ غير يقيني ڪھاڻي ناظرين کي شروع کان آخر تائين پنھنجي سحر ۾ جڪڙي رکڻ ۾ ڪامياب وئي آھي.
رپورٽن موجب، فلم پنھنجي 16 ھزار 75 شوز مان صرف ھڪ ڏينھن اندر 19 ڪروڙ رپين کان مٿي جو نيٽ بزنس ڪري پنھنجي بي پناھھ مقبوليت ثابت ڪري ڇڏي. باڪس آفيس تي ھن تاريخي ڪاميابيءَ سان ”درشيم 3“ اجي ديوگن جي ڪيريئر جي ڪامياب ترين فلمن مان ھڪ بڻجي وئي آھي، جنھن انڊسٽري ۾ سندس اسٽار پاور کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آھي.