پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر حماد اظهر کي گذريل ڏينهن حراست ۾ ورتو ويو هو، تنهن هوندي به پوليس طرفان اڃا تائين سندس باقاعده گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي.
9 مئي جي ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏنل حماد اظهر خلاف 9 مئي سميت ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ به ڪيس داخل آهن، جڏهن ته هو لاهور سميت مختلف شهرن جي پوليس کي گهربل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته اشتهاري قرار ڏنل هجڻ باوجود حماد اظهر ڪيترائي ڀيرا سياسي جلسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي. پوليس موجب سندس گرفتاري ۽ ڪيسن جي قانوني حيثيت جو جائزو ورتو پيو وڃي.
پوليس مطابق حماد اظهر جي گرفتاري بابت دستاويز تيار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيا ويند
