پاڪستان جي نامياري ريسلر، اڳوڻي عالمي چيمپيئن ۽ گولڊ ميڊلسٽ انعام بٽ جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هن معاملي جي دفاع لاءِ قانوني صلاحڪار جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.
ذريعن موجب هلندڙ سال چين ۾ منعقد ٿيل ايشين بيچ گيمز دوران انعام بٽ جو ڊوپ ٽيسٽ لاءِ سيمپل ورتو ويو هو. انعام بٽ جو موقف آهي ته هو اکين جي علاج لاءِ ڊاڪٽر جي تجويز ڪيل دوا استعمال ڪري رهيو هو، جنهن بابت سمورو طبي رڪارڊ هو اڳ ئي عالمي اداري اينٽي ڊوپنگ (واڊا) کي جمع ڪرائي چڪو آهي.
ريسَلر موجب استعمال ڪيل دوا جو تعلق جسماني طاقت يا راندين جي ڪارڪردگي وڌائڻ وارين پابندي مڙهيل دوائن سان ناهي. انعام بٽ جو چوڻ آهي ته هو واڊا اختيارين سان مڪمل رابطي ۾ آهي ۽ هڪ هفتي اندر ڪيس سان لاڳاپيل سمورا ضروري دستاويز ۽ وضاحتون جمع ڪرائي ڇڏيندو.
جيڪڏهن انعام بٽ پنهنجي موقف ۽ طبي رڪارڊ ذريعي اينٽي ڊوپنگ اختيارين کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته مٿس پابندي لڳڻ جو خطرو موجود آهي. ان ئي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني ريسلر پنهنجي ڪيس جي مؤثر دفاع لاءِ قانوني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.
