ڪيليفورنيا: ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پراڻن آءِ فون ماڊلز استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ مفت سيٽلائيٽ ڪنيڪٽيوٽي جي آزمائشي سهولت ۾ وڌيڪ 12 مهينن جي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن سهولت ذريعي صارف موبائل نيٽ ورڪ يا واءِ فاءِ موجود نه هجڻ جي صورت ۾ هنگامي حالتن دوران سيٽلائيٽ ذريعي مختلف اهم خدمتون استعمال ڪري سگهندا.
ٽيڪنالاجي رپورٽن موجب ايپل پاران سيٽلائيٽ ڪنيڪٽيوٽي جي مفت آزمائشي سهولت ۾ واڌ بابت تفصيل نئين آءِ فون 18 پرو سان لاڳاپيل دستاويزن ۾ سامهون آيا آهن. هي سهولت آءِ فون 14 کان آءِ فون 16 سيريز تائين انهن ماڊلز تي لاڳو ٿيندي، جيڪي سيٽلائيٽ ڪنيڪٽيوٽي کي سپورٽ ڪن ٿا.ايپل موجب اهي صارف جن جا سهولت رکندڙ آءِ فون 9 سيپٽمبر 2026 کان اڳ فعال ڪيا ويا هئا، اهي واڌ ڪيل مدت دوران ڪنهن به اضافي سبسڪرپشن فيس کانسواءِ سيٽلائيٽ سان لاڳاپيل هنگامي سهولتون استعمال ڪري سگهندا.انهن سهولتن ۾ ايمرجنسي SOS ذريعي مدد حاصل ڪرڻ، سيٽلائيٽ ذريعي پيغام موڪلڻ، Find My جي مدد سان پنهنجي لوڪيشن شيئر يا ٽريڪ ڪرڻ ۽ روڊ تي گاڏي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ڪار سروس سپورٽ حاصل ڪرڻ شامل آهن.
سيٽلائيٽ ڪنيڪٽيوٽي خاص طور تي انهن هنڌن تي اهميت رکي ٿي، جتي موبائل فون جا سگنل يا واءِ فاءِ دستياب نه هجن. اهڙي صورتحال ۾ صارف سيٽلائيٽ ذريعي هنگامي پيغام موڪلي پنهنجي مدد لاءِ لاڳاپيل خدمتن سان رابطو ڪري سگهن ٿا.
آءِ فون 14 سان شروع ٿيل سهولت ۾ مسلسل واڌايپل پهريون ڀيرو 2022ع ۾ آءِ فون 14 سيريز سان سيٽلائيٽ ذريعي ايمرجنسي SOS جي سهولت متعارف ڪرائي هئي. ان کانپوءِ ڪمپني مختلف نون آءِ فون ماڊلز ۾ هن ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ وسيع ڪيو.
رپورٽن مطابق 2026ع ۾ مفت سيٽلائيٽ سروس جي آزمائشي مدت ۾ ٿيل هي واڌ آءِ فون 14 صارفين لاءِ ٽين، آءِ فون 15 صارفين لاءِ ٻي ۽ آءِ فون 16 سيريز لاءِ پهرين واڌ آهي.هن فيصلي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايپل پنهنجي پراڻن پر سهولت رکندڙ آءِ فون ماڊلز جي صارفين کي به هنگامي حالتن ۾ سيٽلائيٽ سروس تائين رسائي فراهم رکڻ چاهي ٿي. خاص طور تي سفر دوران ڏورانهن علائقن، جبلن، شاهراهن يا اهڙين جڳهن تي جتي موبائل نيٽ ورڪ ڪم نه ڪري، هي سهولت صارفين لاءِ انتهائي فائديمند ٿي سگهي ٿي.جڏهن ته ايپل طرفان اڃا تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته وڌايل مفت آزمائشي مدت ختم ٿيڻ کانپوءِ صارفين کي سيٽلائيٽ ڪنيڪٽيوٽي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪيتري باقاعده فيس ادا ڪرڻي پوندي.ڪمپني جي ويب سائيٽ تي هن سهولت کي في الحال محدود مدت لاءِ مفت آزمائشي سروس قرار ڏنو ويو آهي، پر مستقبل ۾ ان جي تجارتي قيمتن بابت حتمي تفصيل اڃا تائين سامهون نه آيا آهن.
