تولدي گيبريماري جو پي آئي اي جو سي اي او بڻجن کان انڪار ڇو ڪيو

ڪراچي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز پي آئي اي جي معاملن ۽ انتظامي تبديلين جي حوالي سان اھم خبر سامھون آئي آھي، جتي نامياري پرڏيھي ماھر تولدي گيبريماري پاران قومي ايرلائن جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي اي اوبڻجڻ کان واضح انڪار ڪيو ويو آھي. ذريعن موجب تولدي گيبريماري کي ھي اھم عھدو سنڀالڻ جي باضابطھ آڇ ڪئي وئي ھئي، پر ڪجھھ ذاتي ۽ پيشوراڻن سببن ڪري ھن اھو عھدو سنڀالڻ کان معذرت ڪري ورتي آھي، جنھن بعد ھوابازي واري وزارت ۽ پي آئي اي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي نئين حڪمت عملي جوڙڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آھي.

ذريعن جو چوڻ آھي تھ نئين مستقل سي اي او جي مقرري تائين پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جا موجودھ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عامر حيات پنھنجا فرض اڳيان وانگر جاري رکندا. ان حوالي سان بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي بھ باضابطھ طور آگاھھ ڪيو ويو آھي تھ جيئن اداري جي روزمرھ جي معاملن ۾ ڪابھ رڪاوٽ نھ اچي ۽ جھازن جي اچ وڃ توڙي مسافرن جون سھولتون بغير ڪنھن وقفي جي ھلنديون رھن. عامر حيات جي تسلسل سان ڪم ڪرڻ سبب اداري جي انتظامي امور ۾ استحڪام برقرار رھڻ جي اميد ظاھر ڪئي وئي آھي.

دوسري طرف، ھوابازي واري شعبي جي ماھرن جو چوڻ آھي تھ قومي ايرلائن جي نجڪاري ۽ ان جي جوڙجڪ جي حوالي سان اھڙا اھم عھدن تان انڪار ڪرڻ اداري جي موجودھ چئلينجز کي ظاھر ڪري ٿو. حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين پاران پي آئي اي جي سڌارن لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر عالمي معيار جي ماھرن جو ملڪي ادارن سان واڳجڻ کان ھٿ ڪڍڻ ھڪ وڏو سواليھ نشان بڻجي چڪو آھي. اچڻ وارن ڏينھن ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاران ڪنھن ٻئي مناسب نالي تي غور ڪيو ويندو.