اقوام متحدھ آمد: صحافي جو ڊونلڊ ٽرمپ پر برقي زيني کي واقعي پر طنز

نيويارڪ:

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏھن اقوام متحدھ جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيو يارڪ ۾ يو اين ھيڊ ڪوارٽر پھتا، تھ اتي موجود ھڪ صحافي سندس ماضي جي ھڪ مشھور واقعي جو حوالو ڏيندي طنزيھ استقبال ڪيو، جنھن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي رھيون آھن. منگل جي روز سڄي دنيا جون نظرون اقوام متحدھ جي اجلاس تي مرڪوز ھيون، جتي عالمي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري ھو.

رپوٽن موجب، جڏھن صدر ڊونلڊ ٽرمپ عمارت اندر داخل ٿيڻ لاءِ برقي زيني (اسکيليٽر) طرف وڌي رھيا ھئا، تھ اتي موجود صحافين مان ھڪ صحافي وڏي آواز ۾ کين مخاطب ڪندي چيو تھ ’سيڙھين کان ذرا محتاط رھجو!‘ صحافي جو اشارو گذريل سال پيش آيل ان مشھور واقعي ڏانھن ھو، جنھن ۾ آمريڪي صدر کي برقي زيني تي ھلندي ڪجھھ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو ھو ۽ اھو واقعو بين الاقوامي ميڊيا جو مرڪز بڻجي ويو ھو.

صحافي جي اھڙي طنزيھ جملي تي اتي موجود ٻين صحافين ۽ عملي جي ماڻھن ۾ کلاڪھڪو پڻ مچجي ويو، جڏھن تھ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان طنز کي خوش اخلاقيءَ سان منھن ڏنو ۽ بنا ڪنھن تلخيءَ جي پنھنجي منزل ڏانھن اڳتي وڌي ويا. سياسي تجزيھ نگارن جو چوڻ آھي تھ بين الاقوامي سطح تي اڳواڻن سان صحافين جو اھڙو روپ ۽ طنز عام ڳالھھ آھي، پر ان واقعي اجلاس جي ڪوريج دوران سڀني جو پاڻ طرف ڇڪايو

يو اين ھيڊ ڪوارٽر ۾ پيش آيل ھن واقعي بعد ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي بحث ڙي پيو آھي تھ عالمي شخصيتن کي عوامي ۽ ميڊيا جي سامھون اھڙن چئلينجز يا پراڻن واقعن جي ياد ڏيارڻ ڪيتري قدر مناسب آھي. ٻئي طرف، صدر ڊونلڊ ٽرمپ اقوام متحدھ جي اجلاس کي خطاب ڪندي عالمي مسئلن تي پنھنجا موقف کلي طرح بيان ڪيا، پر ھي طنزيھ جملو سڄي ڏينھن جي ميڊيا جي زينت بڻجي رھيو.