اسرائيل کي ايران جي قيادت جي ھنڌن خبر آھي

اقوامِ متحدھ ميں اسرائيلي مستقل مندوب ڊيني ڊينون دعويٰ ڪيو آھي تھ صھيوني رياست کي اھا پوري طرح ڄاڻ آھي تھ ايراني قيادت ھن وقت ڪٿي ۽ ڪھڙن ھنڌن تي لڪل آھي. پرڏيھي خابرو ادارن موجب، صھيوني سفير آمريڪي ميڊيا کي ھڪ تفصيلي انٽرويو ڏيندي چيو تھ خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال جي پس منظر ۾ اسرائيل پنھنجن دشمنن جي ھر حرڪت تي اونھي نظر رکي رھيو آھي. ھن واضح ڪيو تھ ھو ڪنھن پڻ وقت جارحاڻا قدم کڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا

انٽرويو دوران اڳتي ڳالھائيندي ڊيني ڊينون جو چوڻ ھو تھ ايراني حڪومت ۽ ان جا اتحادي پنھنجي بچاءُ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪري رھيا آھن، پر اسرائيلي انٽيليجنس نيٽ ورڪ ايترو تھ مضبوط آھي جو ان لاءِ ڪنھن بھ اھم شخصيت يا اڳواڻ جي لڪڻ واري ھنڌ جو پتو پوڻ ڪو ڏکيو ڪم ناھي. ھن خبردار ڪيو تھ جيڪڏھن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي تھ اسرائيل پنھنجي دفاع جي بھاني ڪنھن بھ حد تائين وڃي سگھي ٿو، جنھن سان وچ اوڀر جو امن وڌيڪ داو تي لڳي سگھي ٿو

ٻئي پاسي بين الاقوامي ناظرين ۽ تجزييڪارن پاران ھن بيان کي انتھائي خطرناڪ ۽ اشتعال انبيز قرار ڏنو پيو وڃي. دفاعي ماھرن جو چوڻ آھي تھ اھڙن سامھون ايندڙ بيانن سان خطي ۾ اڳ ۾ ئي دکدڙ جنگ جي باھھ وڌيڪ ڀڪي سگھي ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ عالمي معيشت ۽ توانائي فراھمي سخت متاثر ٿيندي. اقوامِ متحدھ عالمي برادري ٻنھي ملڪن تي زور ڏنو آھي تھ ھو صبر جو مظاھرو ڪن ۽ معاملي کي سفارتي سطح تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.