اسلام آبادپاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِجي اڳواڻ جنيد اکبر خلاف نفرت انگيز تقرير ڪرڻ ۽ عوام ۾ اشتعال پکيڙڻ جي الزام ھيٺ سخت قانوني ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويو آھي. نيشنل سائبائم ايجنسي اين سي سي آءِ اي) جي مدعيت ۾ سندس خلاف باضابطھ تي مقددو درج ڪيو ويو آھي، جنھن بعد سياسي حلقن ۾ وڏوو مچجي وئي آھي. اختيارين موجب، ھي قدم ملڪ اندر امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ نفرت آميز مواد جي روڪٿام لاءِ کنيو ويو آھي
مقدمي جي متن ۾ واضع طور تي ڄاڻايو ويو آھي تھ پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اکبر سوشل ميڊيا ذريعي اھڙا بيان جاري ڪيا ھئا، جن جو مقصد عوام ۾ نفرت پکيڙڻ ۽ ملڪي ادارن خلاف اشتعال انگيزي پيدا ڪرڻ ھو. تفصيلن موجب، تحقيقاتي اداري پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وائر ٿيندڙ وڊيوز ۽ آڊيو پيغام جو فرانزڪ تجزيو پڻ ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ھن جي تقريرن کي ملڪي سلامتي ۽ قانون جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو آھي
ٻئي پاسي، نشنل سائبر ڪرائم ايجنسي جي ترجمان تصديق ڪئي آھي تھ قانون پنھنجو رستو وکندو ۽ ڪنھن کي بھ ملڪي قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي. ھن مقدمي جي درجي کانپوءِ تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ ٻين اڳواڻن طرفان سخت ردعمل سامھون آيو آھي جنھن کي سياسي انتقام قرار ڏنو پيو وڃي. جڏھن تھ قانوني ماھرن جو چوڻ آھي تھ ھاڻي جنيد اکبر کي قانوني محاذ تي وڏن چئلينجن کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ جاچ جي نتيجن بعد ايندڙ ڏينھن ۾ وڌيڪ گرفتارين يا پڇاڱا جو امڪان پڻ ظاھر ڪيو پيو وڃي.
