فرانسيسي فٽبالر کليان ايمباپي گھٽني جي تڪليف ۾ مبتلا

فرانس جي قومي فٽبال ٽيم جي ڪپتان ۽ دنيا جي نامور اسٽار فٽبالر کليان ايمباپي جي صحت جي حوالي سان اسپينش ڪلب ريئل ميڊرڊ ھڪ اھم ۽ تفصيلي پڌرائي جاري ڪئي آھي. ڪلب پاران جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آھي تھ اسٽار رانديسار کليان ايمباپي کي گوڏي جي تڪليف يا بيماري جي سڃاڻپ ٿي آھي، جنھن کانپوءِ کيس ميڊيڪل بورڊ جي نگاني ۾ رکيو ويو آھي. فٽبال دنيا جي ھن اھم خبر سڄي دنيا جي راندين جي حلقن ۾ سخت چتا پيدا ڪري ڇڏي آھي، ڇاڪاڻ تھ ايمباپي پنھنجي راند جي عروج تي آھي ۽ کيس عالمي سطح تي بي پناھ مقبوليت حاصل آھي.

ريئل ميڊرڊ جي ميڊيڪل ٽيم پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، کليان ايمباپي جي صحت جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي تھ جيئن سندس مڪمل علاج جو لائح عمل جوڙي سگھجي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي تھ فٽبالر جي گوڏي جي زخم يا بيماري جي نوعيت جو بغور مطالعو ڪيو پيو وڃي ۽ ضرورت پئي تھ کيس ڪجھھ وقت لاءِ آرام جو مشورو پڻ ڏنو ويندو. ايمباپي جي فٽنيس ڪلب ۽ قومي ٽيم ٻنھي لاءِ تمام گھڻي اھميت رکي ٿي، جنھن ڪري ميڊيڪل عملو ڪنھن قسم جي لاپرواھھ کان ڪم وٺڻ جي حق ۾ ناھي ۽ مڪمل جانچ پڙتال کي يقيني بڻايو پيو وڃي

ٻئي طرف، فٽبال جي چاھيندڙن ۽ مداحن ۾ پنھنجي پسنديدھ رانديسار جي صحت کي وٺ ڏاڍي پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. سوشل ميڊيا تي مداح کليان ايمباپي جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آھن. ريئل ميڊرڊ مئجمينٽ جو چوڻ آھي تھ رانديسار جي صحت سڀ کان پھرين ترجيح آھي ۽ ان حوالي سان ايندڙ ڏينھن ۾ ھڪ ٻيو ميڊيڪل بليٽن پڻ جاري ڪيو ويندو، جنھن ۾ سندس ميدان تي واپسي جي حوالي سان حتمي تاريخ جو اعلان پڻ ڪيو ويندو.