زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو:

پاڪستان ڪسان اتحاد ملڪ ۾ پيدا ٿيل ڏکين حالتن کي نظر ۾ رکندي فوري طور زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. ڪسان اتحاد جي مرڪزي صدر خالد محمود کوکر ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ موجودھ حڪمران وقت سر زرعي فيصلا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھن، جنھن سبب آبادگار بدحالي جو شڪار ٿي رھيا آھن.پريس ڪانفرنس دوران ھارين جي نمائندن سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ جيڪڏھن ھڪ فصل نقصان ۾ ھليو وڃي تھ ان جا ناڪاري اثر ايندڙ ٽن فصلن تائين برقرار رھن ٿا. ملڪ ۾ زرعي ترقي کانسواءِ معيشت جو سڌارو ممڪن ناھي، پر حڪومتي غفلت سبب ٻني ٻارا اجڙي رھيا آھن ۽ پيداواري لاڳت وڌي وڃڻ ڪري ھاري سخت پريشان آھن.خالد محمود کوکر پنھنجي خطاب ۾ چيو تھ اسان زرعي شعبي کي بچائڻ لاءِ لاڳيتو آواز اٿاري رھيا آھيون، پر حڪمرانن جي بي ڌياني سبب زرعي بحران ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي. ھن چيو تھ کاد، ٻج ۽ ڊيزل جون اگھھ آسمان سان ڳالھائي رھيا آھن، جن ڪري زميندار قرضن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪا آھن.ڪسان اتحاد جي اڳواڻ واضح ڪيو تھ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ئي ملڪي زراعت کي مڪمل تباھي کان بچائي سگھي ٿي، ڇاڪاڻ تھ ھارين جي سھائتا کانسواءِ غذائي تحفظ خطري ۾ اچي ويو آھي. ھن واضح ڪيو تھ ڪڻڪ، ڪپھھ ۽ ٻين بنيادي فصلن جي سار سنڀال نھ لڌي وئي تھ ايندڙ وقت ۾ عوام کي شديد غذائي کوٽ کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.ھن حڪومت کان مطالبو ڪيو تھ ھارين کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو وڃي ۽ زراعت لاءِ ٽيوب ويلز تي سبسڊي بحال ڪئي وڃي. ھن چيو تھ ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي جي نفاذ وسيلي پاليسين تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ ھارين جي کليل منڊين ۾ لٽ مار کي فوري طور روڪيو وڃي.پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ڪسان اتحاد جي اڳواڻ چيٽاوڻي ڏني تھ جيستائين حڪومت زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت سنجيدگي نھ يکاريندي ۽ ھارين کي سھولتون فراھم نھ ڪندي، تيستائين ھاري پنھنجي حقن لاءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جاري رکندا. ھن چيو تھ ھاڻ فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي ۽ وڌيڪ دير ملڪي معيشت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي.