ٽريفڪ جرمانن ۾ واڌارو

ٽريفڪ جرمانن ۾ واڌ: محفوظ روڊن جي عزم تحت سخت ڪارروائين جو فيصلو

لاھور:
ٽريفڪ جرمانن ۾ واڌ کان پوءِ محفوظ سفر جي عزم تحت، پنجاب رنگ روڊ اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن صفي اللھ گوندل جي ھدايتن تي سختيءَ سان عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اختيارين موجب رنگ روڊ تي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت آپريشن شروع ڪيو پيو وڃي.
پنجاب حڪومت پاران ٽريفڪ جرمانن ۾ واڌ جو فيصلو لاڳو ڪيو ويو آھي، جنھن تحت بنا ڊرائيونگ لائسنس گاڏي ھلائڻ تي جرمانو 500 مان وڌائي 5000 رپيا مقرر ڪيو ويو آھي. اختيارين جو چوڻ آھي تھ ھي قدم روڊن کي محفوظ بڻائڻ ۽ ٽريفڪ حادثن کي روڪڻ لاءِ اھم ثابت ٿيندو.
صفي اللھ گوندل واضح ھدايتون جاري ڪندي چيو آھي تھ ٽريفڪ قائدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف بنا فرق جي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جنھن تحت گاڏين جي چيڪنگ سخت ڪري موقعي تي ئي ڳرا چالان ڪيا ويندا. ھن وڌيڪ چيو تھ سختين سان گڏ شھرين کي شعور ڏيڻ لاءِ ھڪ خاص آگاھي مھم پڻ شروع ڪئي پئي وڃي.
انتظاميھ جو چوڻ آھي تھ انھن قدمن جو مکيھ مقصد شھرين کي پرامن ۽ محفوظ سفر جون سھولتون مھيا ڪرڻ ۽ قيمتي جاني نقصانن کي گھٽائڻ آھي. حڪام شھرين کي بھ اپيل ڪئي آھي تھ ھو پنھنجي ۽ ٻين جي تحفظ خاطر ٽريفڪ اصولن جي سختيءَ سان پابندي ڪن.