کمار سنگاکارا جو امتيازي سلوک

ڪمار سنگاڪارا جو ريان ايئر جي عملي تي امتيازي سلوڪ جو الزام

اسلام آباد:
سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڪمار سنگاڪارا، ڊبلن ايئرپورٽ تي سفر دوران ريان ايئر (Ryanair) جي عملدارن تي امتيازي ۽ نامناسب سلوڪ جو الزام لڳايو آھي. سنگاڪارا پنھنجي خاندان سان گڏ سفر ڪري رھيو ھو جڏھن کيس ھن صورتحال کي منھن ڏيڻو پيو.
سنگاڪارا موجب ريان ايئر جي عملي سندس ۽ سندس گھرڀاتين سان انتھائي نامناسب رويو اختيار ڪيو. ھن ان واقعي کي ھڪ سنگين معاملو قرار ڏيندي چيو تھ سندس مقصد صرف پنھنجي ذاتي تجربي کي بيان ڪرڻ نھ، پر اھڙي رويي خلاف عوامي شعور بيدا ڪرڻ پڻ آھي.
سوشل ميڊيا تي ھن معاملي تي مختلف رايا سامھون آيا آھن، جتي وڏي انگ ۾ ماڻھن سنگاڪارا جي حمايت ڪئي آھي. ڪجھھ صارفين جو چوڻ ھو تھ بجيٽ ايئرلائنز ۾ عام مسافرن کي بھ اڪثر اھڙين ئي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. سنگاڪارا پنھنجي موقف ۾ چٽو ڪيو آھي تھ ھو ڪنھن بھ قسم جو امتيازي سلوڪ برداشت نھ ڪندو.
ھن اميد ظاھر ڪئي تھ سندس آواز اٿارڻ سان ٻين مسافرن کي بھ حوصلو ملندو تھ جيئن اھي پڻ اھڙي ناانصافي ۽ غير مناسب رويي خلاف اڳتي اچي آواز اٿاري سگھن.