پشتو گلوڪار گلريز تبسم

نالي واري پشتو گلوڪار گلريز تبسم جو لاڏاڻو، فنڪار برادري ۽ مداحن ۾ ڏک جي لھر

اسلام آباد:
مشھور پشتو گلوڪار گلريز تبسم لاڏاڻو ڪري ويو، جنھن تي شوبز ۽ موسيقيءَ جي دنيا ۾ گھري ڏک جو اظھار ڪيو پيو وڃي. گلريز تبسم پنھنجي سحرانگيز آواز ۽ فن ذريعي لکين مداحن جي دلين تي حڪمراني ڪئي. فن جي مڃتا طور کيس صدارتي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو ھو.
گلريز تبسم 1980ع ۾ جنم ورتو ۽ پنھنجي فني سفر جو باقاعدھ آغاز 1995ع ۾ ڪيو. سندس سريلي آواز ۾ ھڪ خاص ڪشش ھئي، جنھن کيس ٿورڙي ئي عرصي ۾ مقبوليت جي بلندين تي پھچايو. سندس مشھور گيتن ۾ ”زما د زړھ آواز“ ۽ ”پښتونخوا“ نمايان آھن، جيڪي اڄ بھ موسيقيءَ جي شوقينن ۾ بيحد پسند ڪيا وڃن ٿا.
ھن جي اوچتي وفات جي خبر ملندي ئي ثقافتي ۽ شوبز حلقن ۾ ڏک جي لھر ڊوڙي وئي. فنڪار برادري، ويجھن دوستن ۽ مداحن گلريز تبسم جي لاڏاڻي کي پشتو موسيقيءَ لاءِ ھڪ وڏو ۽ اڻپورو نقصان قرار ڏنو آھي.
فن لاءِ سندس خدمتون ھميشھ ياد رکيون وينديون ۽ سندس آواز موسيقيءَ جي ايندڙ نسلن لاءِ ھڪ سنگِ ميل حيثيت رکندو.