اسلام آباد:
انگور اڏھ واقعي بابت افغان طالبان پاران جاري ڪيل ترديدي بيان کي ڪوڙو ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو ويو آھي. باضابطا طور تي ان واقعي ۾ طالبان عناصر جي ملوث ھجڻ جا واضح شواھد موجود ھجڻ باوجود، ڪابل انتظاميا ذميواري قبول ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي.
افغان طالبان جي مرڪزي ترجمان ذبيح اللھ مجاھد پنھنجي پريس ڪانفرنس ۾ انڪار ڪندي موقف اختيار ڪيو ھو تھ انگور اڏھ واقعي ۾ سندن ڪو بھ ھٿ ناھي ۽ ھي الزام سندن ساک کي ڌڪ رسائڻ جي ھڪ سوچيل سمجھيل سازش آھي. ترجمان وڌيڪ دعويٰ ڪئي تھ طالبان خطي ۾ امن جا حامي آھن ۽ ڪنھن بھ قسم جي پرتشدد ڪارروائي جي پٺڀرائي نٿا ڪن.
ٻئي طرف، حقيقت اھا آھي تھ ڪجھھ ڏينھن اڳ سرحد ويجھو انگور اڏھ واري علائقي ۾ پيش آيل ھن خوني واقعي ۾ ڪيترائي بيگناھھ شھري پنھنجيون قيمتي جانيون وڃائي ويٺا ھئا. اختيارين پاران واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪئي وئي آھي، جنھن جا شواھد مڪمل ٿيڻ بعد سموريون حقيقتون عوام آڏو پڌريون ڪيون وينديون.