اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو دورو ڪيو، جتي ھن جديد سھولتن ۽ ترقياتي ڪمن کي ساراھيو.ڪامران اڪمل اڪيڊمي جي مختلف شعبن جو جائزو ورتو ۽ خاص طور تي نوجوان رانديگرن جي تربيت لاءِ موجود سھولتن تي خوشي جو اظھار ڪيو.ھن چيو تھ اڪيڊمي ۾ جديد سھولتون نوجوان ڪرڪيٽرن کي بھتر تربيت فراھم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون، جڏھن تھ اھڙيون سھولتون پاڪستان ڪرڪيٽ جي مستقبل لاءِ اھم آھن.ڪامران اڪمل وڌيڪ چيو تھ نوجوان رانديگرن کي مناسب تربيت ۽ موقعا فراھم ڪرڻ سان پاڪستان ڪرڪيٽ کي عالمي سطح تي وڌيڪ بھتر بڻائي سگھجي ٿو.ھن اڪيڊمي جي انتظاميا جي ڪوششن کي پڻ ساراھيو ۽ اميد ظاھر ڪئي تھ ھتان مستقبل ۾ وڌيڪ باصلاحيت رانديگر تيار ٿيندا.