نئين گھريلو گيس ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ جي خواھشمند صارفين لاءِ اھم خبر سامھون آئي آھي. سوئي ناردرن گيس ڪمپني طرفان نون گھريلو ڪنيڪشنن تي پابندي غيرمعينھ مدي تائين برقرار رکڻ جو اطلاع ڏنو ويو آھي.ذريعن موجب، پابندي سبب اھي صارفين بھ متاثر ٿي سگھن ٿا، جيڪي ارجنٽ فيس جمع ڪرائي نئين ڪنيڪشن لاءِ درخواستون ڏئي چڪا آھن. اھڙين درخواستن تي عملدرآمد ۾ دير ٿيڻ جو امڪان آھي.رپورٽن موجب، ڪمپني انتظاميا جو مقصد گيس جي موجودھ صورتحال کي نظر ۾ رکندي فراھمي کي منظم ڪرڻ آھي. ان فيصلي سبب نئين ڪنيڪشن جا منتظر صارفين کي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.صارفين کي صلاح ڏني وئي آھي تھ ھو پنھنجي درخواستن جي موجودھ صورتحال بابت سوئي ناردرن گيس ڪمپني جي لاڳاپيل آفيس يا سرڪاري ذريعن کان معلومات حاصل ڪن.