ڪراچي بندرگاھھ تي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ کڻي ايندڙ ٻھ سامونڊي جھاز پھچي ويا آھن، جن کي بندرگاھھ تي ترجيحي برٿ فراھم ڪئي وئي آھي.مقامي ذريعن موجب، ٻنھي جھازن جي آمد سان ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي فراھمي بھتر ٿيڻ جي اميد ظاھر ڪئي پئي وڃي. جھازن تي موجود سامان جي لوڊنگ ۽ ان لوڊنگ جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ بندرگاھھ جو عملو سرگرم آھي.ذريعن جو چوڻ آھي تھ ڪڻڪ جي فراھمي ۾ واڌ سان مقامي مارڪيٽ ۾ دستيابي بھتر ٿي سگھي ٿي، جڏھن تھ ڀاڻ جي آمد زراعت جي شعبي لاءِ پڻ اھم ثابت ٿيندي.بندرگاھھ انتظاميا طرفان سامان جي جلد منتقلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن، تھ جيئن ڪڻڪ ۽ ڀاڻ کي لاڳاپيل مارڪيٽن تائين پھچائي سگھجي.