اسٽيٽ بئنڪ پاران ننڍن قرضن لاءِ آسان ڊجيٽل فريم ورڪ جي منظوري: عام ماڻهو ۽ ننڍا ڪاروباري بنا ڪنهن ڏکيائيءَ قرض وٺي سگهندا

ڪراچي (ADN سنڌي): اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪ اندر مالي شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۽ غريب توڙي پورهيت طبقي کي فوري مالي امداد ڏيڻ لاءِ آسان ڊجيٽل نينو قرض پاليسي جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

مرڪزي بئنڪ پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب، ان اسڪيم تحت شهري ۽ ننڍن دڪاندارن کي بغير ڪنهن ضمانت يا پيچيده ڪاغذي ڪارروائي جي رڳو سمارٽ فون ايپليڪيشن ذريعي 25 هزار کان 1 لک رپين تائين جو فوري قرض ملي سگهندو، جيڪو سڌو سنئون بينڪ کاتي يا والٽ ۾ منتقل ڪيو ويندو.

گورنر اسٽيٽ بئنڪ موجب هن قدم جو بنيادي مقصد سودي مافيا ۽ غير قانوني وياج خورن جي چنبن مان غريب عوام کي آزاد ڪرائڻ ۽ فري لانسرز توڙي عورتن کي ننڍي پيماني تي ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مالي سهڪار فراهم ڪرڻ آهي.