سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ وڏي لاٿ: في تولو سون 1800 رپيا سستو، چاندي به سستي ٿي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): بين الاقوامي بلين مارڪيٽ ۾ سون جا اگهه گهٽجڻ بعد پاڪستان جي مقامي مارڪيٽن ۾ به في تولو ۽ 10 گرام سون جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن سان خريدارن کي ڪجهه رليف مليو آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولو 24 قيراط سون جي قيمت ۾ 1,800 رپين جي نمايان گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئون اگهه 2 لک 74 هزار 200 رپيا ٿي ويو آهي. ساڳئي ريت 10 گرام سون جي قيمت 1,543 رپيا گهٽجي 2 لک 35 هزار 80 رپين جي سطح تي پهچي وئي آهي.

جيولرز ايسوسيئيشن موجب مقامي مارڪيٽ ۾ في تولو چاندي جي قيمت به 50 رپيا گهٽجي 3,250 رپين تي مستحڪم ٿي وئي آهي. مارڪيٽ ماهرن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر مضبوط ٿيڻ سبب سيڙپڪار سون بجاءِ بانڊز طرف راغب ٿي رهيا آهن جنهن سبب سون جي اگهن ۾ لاٿ آئي آهي.