پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ لاٿ جا امڪان: عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن بعد عوام لاءِ رليف

اسلام آباد (اقتصادي ڊيسڪ): عالمي مارڪيٽ اندر خام تيل جي اگهن ۾ مسلسل گهٽتائيءَ کانپوءِ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ رليف جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سرڪاري ذريعن موجب جيٽ فيول، گاسليٽ (مٽي جو تيل) ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ اڳ ئي لاٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگھن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

وزارت خزانه ۽ اوگرا پاران پيٽروليم اگهن جو حتمي تخمينو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو فائدو سڌو سنئون عوام تائين پهچائڻ لاءِ تجويزون موڪليون ويون آهن. تيل جي اگهن ۾ لاٿ سبب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽجڻ ۽ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته تيل جي گهٽ اگهن سان صنعتي پيداواري خرچ گهٽ ٿيندا، جنهن سان ملڪي برآمدات ۾ بهتري ايندي.