تهران (پرڏيهي خبرون): ايران جي صدر مسعود پزشڪيان پرڏيهي دٻاءُ ۽ امڪاني خطرن بابت چٽو بيان ڏيندي چيو آهي ته ايران پنهنجي دفاع، خود مختياري ۽ قومي وقار تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندو. هن واضح ڪيو ته ڪنهن به دشمن کي اها خوش فهمي نه هئڻ گهرجي ته هو ايران کي جھڪائي سگهي ٿو.
ايراني صدر اعليٰ سطحي حڪومتي ۽ فوجي قيادت جي گڏجاڻي دوران چيو ته اسان هميشه سفارتڪاري ۽ باهمي احترام جي بنياد تي ڳالهين جا خواهشمند آهيون، پر جيڪڏهن ملڪي سرحدن جي خلاف ورزي ٿي ته سخت ترين دفاع ڪيو ويندو.
مسعود پزشڪيان زور ڏنو ته خطي اندر پائيدار امن تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن سموريون عالمي طاقتون علائقائي خودمختياري جو عملي احترام ڪن.