کينيا جي مياراتھون رنر

پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جو اهم ’آر فور فورم‘ اجلاس ايندڙ مهيني طلب

اسلام آباد (خاص نمائندي وٽان): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جو اهم ’آر فور فورم‘ (R4 Forum) اعليٰ سطحي اجلاس ايندڙ مهيني جرمني ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. هن اجلاس جو مقصد عالمي معاشي ۽ سفارتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ آهي.

اسحاق ڊار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خطي اندر ترقي، سيڙپڪاري، ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي فورم انتهائي اهميت وارو آهي. اجلاس ۾ چئن برادر ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا، جتي واپار، توانائي ۽ گڏيل ترقيءَ جي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏيل مفاهمت ۽ خطي ۾ امن امان جي قيام لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته آر فور فورم اسلامي دنيا جي ترقي ۽ اتحاد لاءِ هڪ نئون سنگ ميل ثابت ٿيندو.