ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي اندر تعليمي سڌارن، ڊجيٽل لرننگ ۽ نوجوانن کي فني مهارتون ڏيڻ لاءِ وڏي پيماني تي نوان منصوبا شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته اڄوڪي جديد دور ۾ شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي تربيت کان سواءِ اڳتي نٿو وڌائي سگهجي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته صوبي جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪمپيوٽر ليبز کي مڪمل فعال ڪيو وڃي ۽ نوجوانن کي عالمي معيار جي فري لانسنگ، ڪوڊنگ ۽ سافٽ ويئر اسڪلز سيکارڻ جا بندوبست ڪيا وڃن.
اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي وئي ته سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ اي-لرننگ جو دائرو ڳوٺاڻن علائقن تائين وڌايو وڃي ته جيئن صوبي جو نوجوان عالمي مارڪيٽ جو حصو بڻجي سگهي.