اسلام آباد (رپوٽ: اي ڊي اين نيوز): ترڪي جو مشهور بحري تحقيقاتي جهاز ’اوروچ رئيس‘ پاڪستان جي سامونڊي حدن اندر تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا ڳولڻ لاءِ پهچي ويو آهي. باضابطه پڌرائيءَ موجب هي جديد بحري جهاز پاڪستان جي سامونڊي ڪناري ويجهو 2D ۽ 3D سيسمل سروي شروع ڪندو، جنهن ذريعي سمنڊ جي تري هيٺ موجود قدرتي هائيڊرو ڪاربن وسيلن جي درست نشاندهي ڪئي ويندي.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ توانائي شعبي ۾ هي تعاون انتهائي اهم ترين پيش رفت آهي. جهاز وسيلن جي کوجنا لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سونوگرافڪ ڊوائيسز سان ليس آهي، جيڪو پاڪستان جي توانائي بحران کي حل ڪرڻ ۽ سمنڊ مان سستو تيل ۽ گئس هٿ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
وفاقي پيٽروليم وزارت جي اعليٰ عملدارن موجب هن جامع سروي جون شروعاتي رپورٽون ايندڙ مهينن اندر مڪمل ٿينديون، جنهن بعد قومي معيشت کي وڏو هٿي ملڻ جو امڪان آهي.