ڪرمپور پوليس ٿاڻي جي حد مانڌاڻي چوڪي وٽ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ شھيد ٿيل نوجوان غلام حسين جعفري جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن پاران ٺاھ لاء ميڙ منٿ جو سلسلو جاري شھيد جي وارثن جو ٺاھ ڪرڻ کان کتو جواب ڳوٺ محمد امين جعفري ۾ ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدار ايس ايڇ او شبير ڀيو پاران علائقي جي چڱن مڙسن ۽ سيد سڳورن کي ميڙ جي صورت ۾ شھيد جي وارثن وٽ موڪليو جنھن ۾ سيد محمد شاھ مير الطاف خان ڀيو مير اقبال خان بجاراڻي چيف مقدم مير عزيز الله خان جعفري مقدم محمد مراد جعفري ۽ ٻيا معزز شامل ھئا جن وارثن کي ٺاھ لاء چيو پر شھيد جي وارثن محمد امين جعفري محمد جمن جعفري محمد عظيم جعفري سميت ٻين ميڙ کي مان ڏيندي مطالبو رکيو ته پھرين اسان جي نوجوان کي شھيد ڪرائيندڙ ان شخص جو نالو ذات ظاھر ڪيو وڃي جنھن جي چرچ تي اسان کان ڳڀرو کسيو ويو ۽ پوليس جي انھن نامزد ڪارين رڍن کي به گرفت ۾ آندو وڃي جنھن اسان سان اھڙو ناحق ظلم ڪري معصوم جا ٻچا يتيم ڪري انھن جي مٿي تان ابي جو شفقت وارو ھٿ ھميشا لاء جدا ڪيو جنھن بعد ميڙ منٿ قافلو بنا ڪنھن نتيجي جي واپس ھليو ويو ٻي طرف شھيد جي وارثن ايس ايس پي ڪشمور سميت آء جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ھو شھيد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان مجبورن روڊن تي نڪري اينداسين