سکر: اي آر وائي نيوز جي بندش خلاف سکر جا صحافي سراپا احتجاج۔اي آر واءِ نيوز جي بندش کي صحافت جي آزادي تي پابندي سمجهيو وڃي ٿو.سکر يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سکر پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪيو ويو.تفصيل موجب سکر يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سکر پريس ڪلب آڏو اي آر واءِ نيوز جي بندش ۽ صحافين سان زيادتين خلاف صحافي سراپا احتجاج بڻجي ويا سکر پريس ڪلب ٻاهران وڪيل برادري سميت واپاري اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مظاهرو ڪري اي آر واء جي بندش خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن سکر پريس ڪلب جي نائب صدر خالد ٻنڀڻ،صدر ايس يو جي امداد بوزدار ۔جنرل سيڪريٽري ايس يو جي احڪر رضوي،سکر پريس ڪلب جي نائب صد لالا شهباز پٺاڻ، ڪورٽ رپورٽرز ايسوسيئيشن جو صدر سليم سهتو، سيفما سکر چيپٽر جو صدر صلاح الدين قريشي۔ ڪيمرا مين فوٽو جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي صدر قذافي شاهه، ان کان علاوه هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر قربان ملاڻو، سکر سمال ٽريڊرز جي صدر حاجي هارون ميمڻ،ايس ڊي اي چيئرمين حاجي جاويد ميمڻ ۔ ايڊووڪيٽ ڪيپٽن ظهير بابر، سماجي اڳواڻ شائستا کوسو، جنيد آرائين، حاجي پرويز چنا ۽ ٻين وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته موجوده حڪومت بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران اظهار جي آزادي جو حق کسڻ ۾ مصروف آهي، اهو ئي سبب آهي ته اي آر وائي نيوز جو لائسنس معطل ڪري نشريات بند ڪئي وئي آهي جيڪو عمل آزاد صحافت ۽ اظهار جي آزادي تي وار آھي حڪومت غير آئيني قدم کڻي حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري پئي پيمرا ذريعي ٽي وي چنلز جي نشريات بند ڪرائڻ ۽ لائسنس معطل ڪرڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي اي آر واء چينل کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو. سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ سول سوسائٽي حڪومت جي ان قدم کي ظالماڻو ۽ آمراڻو قدم قرار ڏيندي حڪمرانن جي اهڙن فيصلن کي قبول نه ڪيو ويندو حڪومت فوري طور تي اي آر وائي نيوز جو لائسنس بحال ڪري ۽ سڄي ملڪ ۾ نشريات تي پابندي ختم ڪري ۽ صحافين سان ٿيندڙ زيادتين کي به بند ڪيو وڃي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته موجوده جمهوري دور ۾ به صحافت کي آمريتي طرز تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پيمرا ذريعي چينل کي ڌمڪيون ڏيڻ، صحافين کي حراسان ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ان تسلسل جو حصو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.مظاهري ۾ سينيئر صحافي شوڪت راهي، شاهد علي، جميل مغل، جلال الدين ڀيو، عمر سومرو، يار محمد سومرو، قاضي ضياءُ الرحمان، سحرش کوکر۔ ديدار انڙ، فاروق سومرو۔ اظهر دايو اورنگزيب ماڪو۔ نديم سرڪي، رضوان صديقي، فيصل آرائين، اياز مغل، جهانزيب وسير، اشفاق نيازي، علي کوسو، اشفاق کوسو، بلاول ڀٽي۔ سهيل ميمڻ ، طفيل وسطڙو، شعيب ملڪ، سجاد سنجراڻي، عامر شيخ، شاهه ولي، محمد علي سولنگي، اصغر علي عباسي، عدنان شيخ، عبدالرزاق سولنگي، ناصر جعفري ۽ ٻيا پڻ شامل هئا۔