بڊاڻي لڳ ڳوٺ ڳودو خان بنگوار ۾ پنج ڏينھن اڳ بڊاڻي شھر ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل نوجوان صابر علي بنگوار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
تفصيل موجب : پنج ڏينھن اڳ مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي جي حد بڊاڻي شھر ۾ ڏينهن ڏٺي جو وچ شھر ۾ ڊومڪي برادري جي ھٿياربندن صابر علي بنگوار کي قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا هئا جنھن جو ڪيس مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي تي 8 ماڻھن مٿان داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته ھن مھل تائين حد جي مياڻي ايٽ بڊاڻي پوليس ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو مقتول صابر علي بنگوار جي وارثن ميڊيا اڳيان دانھيندي ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ عرفان علي سمون سان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي مقتول صابر علي بنگوار جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾اسين انڊس ھائي وي بند ڪنداسين