ڄامشورو ( پ ر) شهيد ﷲ بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپس فار ٽئلنٽ جا چيڪ ڏنا ويا. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو هر هڪ مستحق شاگرد ۽ شاگردياڻي کي 71000 هزار ۽ هاسٽل تي رهندڙن کي 155000 رپين جا چيڪ ڏنا، جن جي مجموعي ماليت 60 لک رپيا ٿئي ٿي.اقرا، انتخاب عالم، عبدالمتين خان، عليزه، ايلسا خان، عريشه اڪبر، سيده حبيه زيدي، انسا، زنيرا، مهوش، شير محمد، زارا مغل، مشتاق، محمد عماد خان، بلال مراد، سيف علي، اقرا اشرف، يمنا مقصوود، لائبه ذوالفقار ۽ مريم سميت 57 شاگردن ۽ شاگردياڻين منسٽري آف فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ پاران اعلانيل نيسٽ اسڪالرشپ چيڪ ماڻيا.اسڪالرشپ چيڪ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته غريب ۽ بي پهچ شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ وارو حڪومتي قدم واکاڻ جوڳو آهي جنهن سان نوجوانن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي. هن چيو ته اسڪالرشپ ماڻيندڙ شاگردن تي هاڻي پهرين کان وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي دل ۽ جان سان محنت ڪري حق ادا ڪن ۽ پنهنجي والدين جي خوابن کي ساڀيان ڏين. ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته شاگردن جي ترجيح پڙهائي، جستجو، تحقيق ۽ معاشري ۾ اعلى مقام ماڻڻ سان گڏوگڏ مثبت سوچ سان اڳتي وڌي سماج جي ڀلائي لاءِ جاکوڙ هئڻ گهرجي.