لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ريلي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.تحريڪ انصاف کي اڄ پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات لاهور ۾ عمران خان جي قيادت هيٺ ريلي سان ڪرڻي هئي.پي ٽي آءِ قيادت طرفان ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پرامن طريقي سان واپس هليا وڃن.ان کان اڳ لاهور جي مال روڊ تي پوليس ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ وقفي وقفي سان جهڙپن جو سلسلو جاري رهيو.ريلي کان اڳ ئي پنجاب حڪومت لاهور ۾ هڪ هفتي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪندي جلسي، جلوس ۽ ريلي تي پابندي هڻي ڇڏي.هوڏانهن ڪينال روڊ کان مال انڊر پاس ڏانهن ويندڙ رستو ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي.پوليس مال روڊ تي موجود پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال به ڪيو ويو.ڪينال روڊ تي پوليس اهلڪار ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪن آمهون سامهون ٿي ويا، تحريڪ انصاف ڪارڪنن پوليس اهلڪارن تي پٿر وسايا، جنهن تي وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون.ٻئي پاسي عمران خان موجوده صورتحال تي پنهنجي قانوني صلاحڪارن ۽ پارٽي اڳواڻن سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.