لاهور: ن ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز الزام هنيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي چيف جسٽس طور واڌ لاءِ نواز شريف سان جيل ۾ رابطو ڪيو ويو پر اڳوڻي وزيراعظم ان کي رد ڪري ڇڏيو.نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي مريم نواز ماضي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا تي نواز شريف خلاف سازش جو حصو بڻجڻ جو الزام هنيو ۽ چيو ته قرآن پاڪ تي هٿ رکي ٻڌايو ته ڇا چيف جسٽس طور توهان جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه نه ٿي رهي هئي.هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف مڃي وٺي ها ۽ ان کي چيف جسٽس طور واڌ ملي وڃي ها ته اڄ عمر عطا بنديال صاحب چيف جسٽس نه هجي ها.سندس موجب رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ جي ڳالهه ٿي رهي هئي، اهو ان ڪري ته توهان مون کان ڪجهه وٺو ۽ مان توهان کي ڪجهه ڏيان ٿو.مريم نواز چيو ته ان وقت جي چيف جسٽس جو پيغام کڻي جيل ۾ نواز شريف وٽ ماڻهو ويا هئا پر نواز شريف کين چيو ته مون سان ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪيو ۽ هن واڌ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ نواز شريف کي قبول نه ڪيو ويو، ڇو ته هو اهڙي قسم جا فيصلا نه ڪندو هو.انٽرويو دوران ن ليگ اڳواڻ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي حوالي سان چيو ته هن ڏوهه قبولي ورتو آهي، اميد ته هاڻ ادارو پاڻ ان معاملي جو نوٽيس وٺندو، مون کي اميد آهي ته اداري تي جيڪو داغ هو، هو پاڻ ان جو احتساب ڪندو.