عمران خان آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي کي ناڪام بنائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان پنهنجي ئي آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، روڊن تي افراتفري ۽ فتنو پيدا ڪرڻ ساڳئي ايجنڊا جو حصو آهي.عمران خان تي تنقيد ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام جي باهه لڳي، هي نٿو چاهي ته غريب عوام کي مهانگائي، معاشي دٻاءُ کان ڇوٽڪارو ملي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ(ن) جا اڳواڻ موت جي سزا جي چڪين ۾ رهيا، هيروئن جهڙن ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو. نوازشريف ۽ مسلم ليگ(ن) جي قيادت نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي بدترين انتقام کي منهن ڏنو آهي. اسان پنهنجي پٽن، ڌيئرن ۽ ڀينرن سميت ڪوڙن ڪيسن ۾ عدالتن آڏو پيش ٿياسين.وزيراعظم چيو ته عمران خان پهريان پنهنجي واعدن ۽ نظريات کان ڀڄي ويو، هاڻ عدالتن کان ڀڄي رهيو آهي، ڊڄڻو ماڻهو عدالت کي تلاشي به وٺڻ نٿو ڏئي ڇو ته هو ڏوهاري آهي. عمران خان جو عدالتن کان ڀڄڻ بزدلي جي انتها آهي. پهريان هي آءِ ايم ايف پروگرام کان ڀڄي ويا، هاڻ عدالتن کان ڀڄي رهيا آهن.