لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي قلم 144 جي پابندي هجڻ باوجود پارٽي ڪارڪنن کي اڄ زمان پارڪ پهچڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته قلم 144 جو ڪوبه جواز ناهي، فيصلي کي چئلينج ڪنداسين. هن چيو ته قلم 144 خلاف آچر جي موڪل هجڻ باوجود لاهور هاءِ ڪورٽ به وينداسين.شاهه محمود قريشي چيو ته اليڪشن ڪميشن لاهور کان درخواست ڪنداسين ته نگران حڪومت اوهان جي پابند آهي. چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي ته ريلي تي پابندي هڻڻ جو ڪوبه جواز نه آهي.هن ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪارڪن اڄ 2 وڳي زمان پارڪ پهچن عمران خان اڄ اعلانيل ريلي جي اڳواڻي ڪندو.ياد رهي ته عمران خان طرفان اڄ ريلي ڪڍڻ جي اعلان کان پوءِ پنجاب حڪومت لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي رينجرز کي طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته ريليون ڪڍڻ تي به پابندي هوندي.