لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور ۾ سڀاڻي جي ريلي جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ لاهور جي صدر شيخ امتياز موجب سڀاڻي منجهند 2 وڳي زمان پارڪ کان داتا درٻار تائين ريلي ڪڍي ويندي.هن چيو ته ريلي زمان پارڪ کان علامه اقبال روڊ، ريلوي اسٽيشن کان داتا درٻار پهچندي ۽ ريلي جي قيادت عمران خان ڪندو.ياد رهي ته عمران خان اڄ لاهور ۾ ريلي جو اعلان ڪيو هو پر صوبائي نگران حڪومت پي ايس ايل سبب قلم 144 لاڳو ڪيو، جنهن کانپوءِ اڄوڪي ريلي ملتوي ڪئي وئي.