اسلام آباد: وفاقي حڪومت توشا خانا جو 2002 کان 2023 تائين جو رڪارد پبلڪ ڪري ڇڏيو.وفاقي حڪومت ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي توشا خانا جو رڪارڊ اپ لوڊ ڪيو آهي، توشا خانا جو 2002 کان 2023 جو 466 صفحن جو رڪارڊ اپ لوڊ ڪيو ويو آهي.توشا خانا مان تحفا وصول ڪندڙن ۾ اڳوڻن صدرن، اڳوڻن وزيراعظمن، وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جا نالا شامل آهن.فهرست ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، اڳوڻن وزيراعظمن شوڪت عزيز، يوسف رضا گيلاني، نواز شريف، راجا پرويز اشرف ۽ عمران خان جو نالو به شامل آهي.